تحريڪ لبيڪ سان ٿيل معاهدي تي عمل ڪيو پيو وڃي،فواد چوڌري

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ پابندي پيل تحريڪ لبيڪ ۾ ٿيل معاهدي تي عمل ٿي رهيو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته قراداد پيش ٿي چڪي آهي ۽ ايم پي او ۾ گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان ڏس ۾ ملڪ اندر احتجاج جو سلسلو ختم ٿي چڪو آهي.هن چيو ته (ن)ليگ يا پيپلزپارٽي جيڪڏهن ڪا قراداد آڻڻ چاهن ته اهو انهن جو حق آهي، حڪومت جو ان سان ڪجهه نه وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو