قبرستان تي قبضي خلاف رهواسين پاران احتجاج

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) شيخ ڀرڪيو ڀرسان يونين ڪونسل ٽنڊي فضل جي تاريخي قبرستان سيد محب شاه  جي ايراضي تي علائقي جي با اثرن پاران غير قانوني طريقي سان قبضا ڪري قبرن کي مسمار ڪرڻ ۽ قبرن جي بي حرمتي ڪرڻ واري عمل خلاف مختلف ڳوٺن  عالم خان رند ڳوٺ ميد علي رند  ڳوٺ باغ علي رند جي رهواسين  خداڏنو رند  امداد رند سڪندر رند اللله بخش رند يار محمد رند مدد رند آحمد علي رند جي اڳواڻي  ۾ آحتجاجي مظاھرو ڪري مارچ ڪيو ويو مظاهرين ٽنڊو فضل حيدراباد ٽنڊو محمد خان روڊ بند ڪري ڇڏيا  ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته محب شاه اسان جو تاريخي قبرستان آهي  جٿي اسان جا ابا ڏاڏا دفن ٿيل آهن هنن چيو ته علائقي جا با اثر طاقت جي زور تي وڏي عرصي کان قبرستان تي قبضو ڪندا پيا اچن  غير قانوني طريقي سان پنهنجا هاري ويهاري  قبرون مسمار ڪندي انهن جي بي حرمتي ڪئي پئي وڃي هاڻي قبرستان ۾  ميت دفن ڪرڻ لا جاء ناهي هنن چيو ته با اثر اسان جي بزرگن جي قبرن جي تقدس پائمال پيا ڪن ۽ درگاه جو خدمت گار انهن باآثرن سان ٻٽ بڻيل آهي هنن ايس ايس پي ڊي سي ڪمشنر حيدراباد پي ايس 63 جي ايم پي اي شرجيل ميمڻ ايم اين اي سيد طارق شاه  ڄاموٽ کان مطالبو ڪيو ته خدا جي واسطي قبرستان محب شاه تان با اثرن جو قبضو ختم ڪرائي قبرن جي بي حرمتي ۽ قبرون ڊاهڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي  ڪنهن به صورت ۾اسان پنهنجي وڏڙن جون قبرون ڊاهڻ نه ڏينداسين  اسان عدالت جو دروازو کڙڪائينداسين انصاف نه مليو ته پاڻ ساڙي  جانين جو نظرانو ڏئي به قبرستان تان قبضو ختم ڪرايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو