بيگناهه فلسطينين تي تشدد جي ڪاررواين جي مذمت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان بيگناهه فلسطينين تي تشدد جي ڪاررواين جي مذمت ڪري ٿو.پنهنجي هڪ بيان ۾ جليل عباس جيلاني چيو آهي ته رفح ۾ اسرائيلي بمباري ۽ جارحيت افسوسناڪ آهي، اسرائيلي جارحيت عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان بيگناهه فلسطينين تي تشدد جي ڪاررواين جي مذمت ڪري ٿو ۽ بيگناهه فلسطينين خلاف فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪري ٿو. هن جو چوڻ آهي ته دنيا اهڙن عملن تي اکيون بند ڪرڻ جي متحمل نه ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو