بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ بيضابطگين جو انڪشاف

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ بيضابطگين جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي تفصيل موجب 2014 کان 2019 سال جي آڊٽ رپورٽ سامهون اچي وئي جنهن مطابق بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا 2 لک 44 هزار مستحق ماڻهو امداد کان محروم رهيا آڊٽ رپورٽ مطابق 2 لک 44 هزار مستحق ماڻهن کي 2014 کان 2019 تائين وظيفو ناهي مليو آڊٽ رپورٽ بي آئي ايس پي جي ذمي 8.18 ملين رپين جي رقم ادائيگي جوڳي آهي 2014 کان 2019 دوران انهن مستحق ماڻهن کي ٻيهر بايو ميٽرڪ لاءِ ڇيو ويو. نادرا کي مستحق ماڻهن جي بايو ميٽرڪ تصديق جي هدايت ڪئي وئي نادرا پاران رپورٽ نه ملڻ تي 2 لک 44 هزار شهري امداد کان محروم رهيا بي آئي ايس پي ۾ بيضابطگي ري ڪريڊٽنگ پاليسي جي معطلي جي ڪري ٿي بي آئي ايس پي بورڊ پاران ري ڪريڊٽنگ پاليسي جي منظوري ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو