بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ تيز برساتن 140 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا موجب بيجنگ ۾ 40 ڪلاڪن دوران هڪ مهيني جي برسات پئي، جنهن 140 سالن جو تيز برسات جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.چين جي موسميات کاتي موجب بيجنگ ۾ ٽائفون ڊڪسوري دوران 744.8 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته 1891ع ۾ 609 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي هئي.چين ۾ طوفاني برساتن سبب 20 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، تيز برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن ۽ ريسڪيو عمل دوران 50 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
