بورڊ پاران سرفراز نواز جي پينشن بحال ڪرڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر سرفراز نواز سان ملاقات ڪئي.پي سي بي موجب ملاقات جو مقصد سرفراز نواز جي جنوري 2017ع کان التوا ۾ پيل ادائيگين بابت معاملو حل ڪرڻ هو.نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن ۾ مصباح الحق ۽ محمد حفيظ به موجود هئا.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف سرفراز نواز کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪرڪيٽرز ويلفيئر پاليسي تحت بقايا ادائگين جو چيڪ ڏنو ۽ کيس مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.ياد رهي ته هي اهي ادائگيون هيون جيڪي رانديگرن جي ويلفيئر پاليسي جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڊسيپلينري ايڪشن تحت سرفراز نواز کان روڪيون ويون هيون.جيئن ته سرفراز نواز هاڻي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي يقين ڏياريو آهي ته هو ضابطا اخلاق تي عمل ڪندو، اهي ادائگيون رانديگرن جي ويلفيئر پاليسي تحت بحال ڪيون ويون آهن.ان موقعي تي ذڪا اشرف جو چوڻ هو ته سرفراز نواز جهڙو ڪرڪيٽر کي اهڙي حالت ۾ ڏسي افسوس ٿيو، سرفراز نواز جهڙو ڪرڪيٽر پينشن جهڙي حق کان به محروم رهيو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو