بنگلاديش جي ويسٽ انڊيز کي 7 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي( ڊيسڪ رپورٽ) بنگلاديش ويسٽ انڊيز کي 7 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو، ورلڊ ڪپ جو ٻيو وڏو رن چيز جو رڪارڊ قائم ڪيو. شڪيب الحسن 124 ناٽ آئوٽ ۽ ليٽن داس 69 بالن تي 94 رنز ٺاهيون، 8.3 اوور بچي پيا. 2011 ۾ آئر لينڊ انگلينڊ خلاف 329 رنز چيز بعد هي ٻيو ڀيرو آهي وڌيڪ رنز چيز جو. مسرف مرتضيٰ جي ٽيم هي ٻيو ميچ کٽيو ۽ سيمي فائنل ۾ سندن چانس پيدا ٿي ويو آهي. ويسٽ انڊيز پاڪستان کي هارائڻ بعد ٽي دفعا پاڻ هارائي چڪي آهي. بنگلاديش جي تميم سوميا سرڪار بهتي اوپننگ اسٽارٽ ڏنو، سرڪار 29 ۽ تميم 53 رنز ٺاهيون. شڪيب بنگلاديش جو ٻيو 6000 رنز ڪندڙ بيٽسمين بڻجي ويو. شڪيب ۽ داس چوٿين وڪيٽ جي پارٽنرشپ جو رڪارڊ قائم ڪيو، داس 8 چوڪا ۽ 4 ڇڪا هنيا. ان کان اڳ ويسٽ انڊيز 321 تي 8 آئوٽ ٿيا. شمرون 26 بالن تي تيز ترين ففٽي ٺاهي، نڪولس پورن جو انتهائي اونچو ڇڪو، ڇت ڦاڙي ڇڏيائين، ڪپتان هولڊر 15 بالن تي 33 ٺاهيون ۽ ٽيم جو اسڪور 300 کان ٽپائي ڇڏيو پر بنگلاديش سندن اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو