بند اسڪول کوليو ۽ شهر ۾ صفائي جو انتظام ڪريو، ڪمشنر

اوٻاوڙو(غلام علي رند) ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر بند اسڪول هڪدم کولڻ ۽ شهر ۾ صفائي يقيني بنائڻ لاءِ انتظاميا کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. ڪوتاهي ڪندڙ آفيسر خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ٽائون ڪميٽي لائبريري پارڪ ۾ منعقد ڪيل کليل ڪچھري ۾ عوامي مسئلا ٻڌڻ بعد واسطيدر عمدارن کي هدايتون ڏيندي ڪيو. شهرين مختلف کاتن بابت کيس شڪايتون ڪيون. ان موقعي تي ڊي سي گهوٽڪي اسسٽنٽ ڪمنشنر اوٻاوڙو مختيار ڪار اوٻاوڙو ٽي ايم او آفيسر ۽ ڊي او ايجو ڪيشن گهوٽڪي ۽ ٽي او ايجو ڪيشن اوٻاوڙو ۽ ڊي ايس پي اظھار لاهوري ايس ايڇ او پڻ موجود هئا.

سيڪورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، اهڙي ميٽنگ دوران تعلقو اوٻاوڙو ماڻھن ڊي او ايجو ڪيشن گهوٽڪي ۽ ٽي او ايجو ڪيشن خلاف  علائقي واسين  جا  شڪايتون ڪيون. پرائمري اسڪول بند هجڻ ڪري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري ڪمشنر سکر کي درخواستون به ڏنيون ۽ انهن کليل ڪچھري ۾ پڻ آگاه ڪيو ۽ ڪمشنر شفيق احمد مهيسر اهڙيون شڪائتون ٻڌڻ بعد ڊي او ايجوڪيشن کي فورن بند پيل اسڪول کولرائڻ ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ انهن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙي کليل ڪچھري ۾ مختلف سرڪاري ادارن خلاف ماڻھن درخواستون ڏنيون جن کي مسئلا جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ ٽائون انتظاميا کي سخت حڪم جاري ڪندي چيو ته شھرين جي اها مون وٽ پهرين ۽ آخري درخواست آھي شھر ۾ صفائي جو ۽ نالين جو بهتر نظام اچڻ گهرجي ۽ انهن  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اگر عوامي مسئلن جي حل ۾  ڪنهن به سرڪاري عملدار ڪوتاهي ڪئي ته ان خلاف  ايڪشن کنيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو