بلڊنگس کاتي جي آفس تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو،رڪارڊ ضبظ

نوشھروفيروز(مشتاق حسين مري) ايگزيڪيوٽو انجنيئر بلڊنگس جي آفيس تي اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر جو جڊيشل مئجسٽريٽ علي اصغر ٻٻر جي نگراني ۾ ڇاپو، رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر اعجاز ميمڻ ٻڌايو ته اسان کي عوام پاران شڪايتون مليون هيون ته بلڊنگس کاتي پاران هلندڙ اسڪيمن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ڪجهه اسڪيمون اهڙيون به آهن جيڪي مدو گذرڻ باوجود فائنل ناهن ڪيون ويون. هن چيو ته بلڊنگ کاتي کي جيڪا سالياني بجيٽ ملي آهي اها به ڪوڙا وائوچر ٺاهي هضم ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان ٻن ڏينهن تائين سڄي تحقيقاتي رپورٽ ٺاهي عدالت ۾ پيش ڪنداسين جيڪو به ان ڪڌي عمل ۾ ملوث هوندو ان خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو