بلاول جو بدين دورو، ٽينٽ سٽي ۾ متاثرن بدران هاري ويهاريل

بلاول جو بدين دورو، ٽينٽ سٽي ۾ متاثرن بدران هاري ويهاريل

ٽنڊوباگو (رپورٽ: ڄام سھيل سمون) بدين ضلعي ۾ برساتي ٻوڏ جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽنڊوباگو ۾ اچڻ تي ضلعي انتظاميا پاران رات جي پيٽ ۾ شهر ٻاهران ٽنڊوباگو پنگريو روڊ تي ٻه ٽينٽ سٽيز قائم ڪري انهن ۾ برسات متاثرن بجاءِ پيپلزپارٽي جي مقامي قيادت پاران تعلقي جي مختلف هنڌن تان پنهنجا هاري گهرائي ويهاري ڇڏيا آهن، ٽنڊوباگو ۾ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هٿان ويٺل ماڻهن کي امدادي راشن ڏيڻ لاءِ 4 ٽرڪون راشن جي ٿيلهن جون بلاول ڀٽو زرداري پبلڪ پارڪ ۾ لاٿيون ويون آهن. بلاول ڀٽو زرداري جي اچڻ لاءِ ٽنڊوباگو شهر کي پ پ جي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري منجهند جو 12 بجي هيليڪاپٽر ذريعي ٽنڊوباگو پهچندو، جنهن بعد ٽنڊوباگو پنگريو روڊ تي قائم ڪيل برسات متاثرين واري ڪئمپ ۾ راشن ورهائڻ کان پوءِ باگي واھ جي پل ڀرسان چوڪ تي ماڻهن کي خطاب ڪرڻ کان پوءِ پ پ پ ضلع بدين جي جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي جي جمالي ھائوس تي رکيل دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ بعد روڊ رستي بدين روانو ٿي ويندو. مقامي پي پي قيادت هاري ويهارڻ جي ترديد ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو