بغاوت ڪيس ۾ جسقم اڳواڻن جا ناقابل ضمانت وارنٽ

ڪراچي (شهزادو مستوئي) دهشتگردي ٽوڙ خاص عدالت بغاوت ۽ غداري جي الزامن هيٺ داخل ڪيس ۾ مفرور ڄاڻايل جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي، وائيس چيئرمين الاهي بخش بڪڪ، ذوالفقار، عبدالله ۽ شوڪت خلاف ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت اهڙو حڪم ڇنڇر تي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڏنو. عدالت چيو ته مفرور ڄاڻايل سمورن جوابدارن کي 11 جنوري تائين پيش ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران استغاثه عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن 17 نومبر 2019ع تي جلوس ڪڍيو جيڪو گلشن حديد کان پريس ڪلب تائين آيو. جوابدار صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪڍيل جلوس ۾ شريڪ ماڻهن ملڪي سلامتي خلاف نعرا هنيا ۽ سيڪيورٽي ادارن خلاف پڻ نعريبازي ڪئي. ريلي دوران مفرور جوابدار صنعان قريشي جي چرچ تي ڪارڪنن اسٽيٽ خلاف نعريبازي ڪئي. ڪيس ۾ 4 جوابدار گرفتار آهن، گرفتار جوابدار ۾ 3 سڳا ڀائر به شامل آهن. استغاثه موجب گرفتار ٿيلن ۾ سيد جنيد احمد، سيد عبدالغفار، سيد منظور ۽ ضمير حسين حاجاڻو شامل آهن. ڄاڻايل جوابدارن خلاف اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي بغاوت ۽ غداري جو ڪيس داخل ٿيل  آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو