برسات ڪراچي ٻوڙي ڇڏي، اڌ صدي جو رڪارڊ ٽٽي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)شهر ۾ برسات روڊ رستن کي تلائن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، وچ روڊ تي گاڏيون بيهجي ويون، ڪنٽينر ٻيڙين جيان ترڻ لڳا، انڊر پاس بند، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کي طوفاني برسات ٻوڙي ڇڏيو، 46 سالن جو پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو. 1967 ۾ 429 ملي ميٽر بارش ٿي هئي پر هن ڀيري 442 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي آهي.

Photo Twitter

وڏي وزير ملير ۾ اسڪولن جون عمارتون خالي ڪري ٻڏل گهرن وارن ماڻهن کي پناهه ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي..موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ اڃا وڌيڪ بارش جو امڪان آهي. صدر، اولڊي سٽي ايريا، ڊفينس، ڪلفٽن، نمائش، گرو مندر، فيڊرل بي ايريا، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال، گلشن حديد، ڪورنگي، لانڍي ۽ ٻين علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات کانپوءِ چيلهه جيڏو پاڻي بيهجي ويو، ايم اي جناح روڊ تي رکيل ڪنٽينر پاڻي ۾ ترڻ لڳا، مُک شاهراهه فيصل تي سوين گاڏيون بيهجي ويون، هزارين مسافر ڦاٿل، مين ڪورنگي روڊ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، ڪلفٽن، نارٿ ناظم آباد، ڊرگ روڊ ۽ مهراڻ انڊر پاس پاڻي سان ڀرجي ويا، پاڻي ۾ ٻڏل انڊر پاس ٽريفڪ لاءِ بند، روڊ ٻڏي وڃڻ سبب انڊسٽريل ايريا جو شهر جي ٻين علائقن سان زميني رابطو ڪاٽا، لياقت مارڪيٽ، اردو نگر، سعود آباد، کوکرا پار، گرين سٽي ۽ ٻين علائقن ۾ رستن بيٺل گاڏين جو اڌ حصو پاڻي ۾ ٻڏي ويو، دڪانن ۽ گهرن ۾ برساتي پاڻي داخل، سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ سيڪريٽريٽ، سنڌ اسيمبلي، گورنر ۽ وزيراعليٰ هائوس جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به چيلهه جيڏو پاڻي بيٺل، پوليس جي موبائيل رستي ۾ بيهي رهي ۽ سڄي گاڏي ٻڏي و؟ي پوليس اهلڪارن کي عام ماڻحن بچايو.

Photo screen grab

ڪراچي واسي برساتي پاڻي ۾ ڦاسي پيا، شهرين جي پاڻي ۾ ترندي ۽ گاڏيون گهلندي منزل تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. اورنگي ٽائون سيڪٽر 15 ۾ ڀت ڪري پئي، 4 عورتون ۽ هڪ ٻار ملبي هيٺان دٻجي ويا، ملبي واري هنڌ برساتي پاڻي به بيٺل، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان مختلف علائقن ۾ ايمرجنسي شٽ ڊائون ڪيو ويو آهي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه جو چوڻ آهي ته ٻوڏ صورتحال ۾ايمرجنسي شٽ ڊائون ڪرڻي پئي، ايمرجنسي شٽ ڊائون طويل به ٿي سگهي ٿو.ڪراچي ۾ سيڪورٽي فورسز وارا به پاڻي ڪڍڻ ۽ ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن.

Photo Twitter

حب ڊيم مڪمل ڀرجي ويو، پاڻي سطح 339 فٽ ٿي وئي، صرف هڪ فوٽ گنجائش رهيل آهي، آخري ليول 339 فٽ آھي، ڪنھن به وقت اسپل وي کان پاڻي حب ندي ۾وڏي پيماني تي وھڻ شروع ٿيندو، حب ندي ۾وڏي پيماني تي آباديون ۽ ڪريش پلانٽ ھجڻ سبب جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو آهي، بلوچستان جي ضعلي انتظاميا پاران ندي ۾آباد ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جون ھدايتون ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو