برسات جي اڳڪٿي واٽر ڪارپوريشن ۾ ايمرجنسي لاڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ترجمان واٽر ڪارپوريشن پنھنجي جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ چيو تہ موسميات کاتي پاران برسات جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي واٽر ڪارپوريشن ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان ٻڌايو تہ ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين واٽر ڪارپوريشن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي هدايتن تي واٽر ڪارپوريشن ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، هن چيو تہ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي واٽر ڪارپوريشن جو سمورو عملو هاءِ الرٽ هوندو جڏھن تہ عملي جون موڪلون پڻ منسوخ ڪيون ويون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو