بدين ۾ روڊ حادثو،پيرسن فوت

بدين ۾ روڊ حادثو،پيرسن فوت

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ) بدين حيدرآباد مين روڊ تلھار لڳ دلواڻي موڙ تي خوفناڪ روڊ حادثو چئن ٻارڙن جو پيءُ ٿڏي تي فوت ٿي ويو خبر موجب گذريل ڏينهن مين حيدرآباد بدين روڊ تيدلواڻي موڙ تي نوجوان عبدالغفار ملاح گھران موٽرسائيڪل تي سوار ٿي کير وٺڻ لاء تلھار شھر ڏانهن وڃي رھيو ھو ته تيز رفتار مزدا کيس چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن سبب هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.واقعي جي اطلاع ملڻ تي وارثن علائقي واسين نوجوان کي ايمبولينس ذريعي رورل هيلٿ سينٽر تلھار منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. فوتي جي سڃاڻپ ڳوٺ مبارڪ ملاح واسي 30 ورهين جي شادي شده عبدالغفار ملاح طور ڪئي وئي، جيڪو چئن ٻارڙن جو پيءُ هو.واقعي جو اطلاع تلھار پوليس کي ڏنو ويو، جڏهن ته پوليس موجب حادثي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.ھوڏانهن رورل ھيلٿ سينٽر تلھار جي ڊاڪٽرن گھربل ڪاروائي ڪ مڪمل ڪري فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ پڻ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو