بدفعلي ڪيس ۾ جوابدار 12 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ڊهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻارن سان بدفعلي واري ڪيس جي جوابدار سارنگ شر کي وڌيڪ 12 ڏينهن لاءِ رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ٺري ميرواهه پوليس هفتي جو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد کيس عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ وڌيڪ جاچ لاءِ ملزم جي رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي. سندن درخواست عدالت قبول ڪري ورتي. ياد رهي ته ٺري ميرواهه ۾ جوابدار سارنگ شر معصوم ٻارن کي بدفعلي جو نشانو بڻائي وڊيوز ڀريندو هو، معاملو ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو هو. گذريل ڏينهن هنکي عبرتناڪ سزا ڏيڻ لاءِ مشتاق سرڪي مظاهرو ڪرڻ لاءِ ٺري ميرواهه وڃي رهيو هو ته پوليس کيس ساٿين سميت گرفتار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو