بدفعلي بعد قتل ڪيل نينگر جي قاتلن کي سزا ڏيو،احتجاج

فيض گنج(ن س)  ڀنگو بهڻ ۾ بدفعلي بعد قتل ڪيل معصوم نينگر ذوالفقار جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ جسقم، سياسي، سماجي تنظيمن ۽ سندس وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي غلام عباس ڀنگو، عطا حسين شر،  منصور کنڊ،  احسان ڀنگو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيوته معصوم ذوالفقار علي ڀنگو کي بي دردي سان قتل ڪري بدفعلي ڪري سند س لاش  پاڻي ۾ ڦٽو ڪيو ويو. هنن چيوته ڪيس ۾ گهربل جوابدار پوليس وٽ گرفتار ٿيل آهن پر پوليس انهن جي مهمان نوازي ڪري رهي آهي. هنن چيوته پوليس جوابدارن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪري رمانڊ وٺي ٿي پر جاچ نٿي ڪري، ايس ايڇ او فيض گنج جوابدار ڌر کان رشوت ورتي آهي ۽ اسان کي شڪ آهي ته  اسان جو خون لوڙهيو ويندو . هنن مطالبو ڪيو ته انصاف فراهم ڪيووڃي. ان سلسلي ۾ فيض گنج پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار گرفتار ٿيل آهن مظاهرا ڪري ڪيس کي خراب ڪيو پيو وڃي معاملي جي جي آء ٽي جوڙيل آهي ان جي جاچ بعد  اصل قاتلن جي خبر پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو