بحريا ٽائون انتظاميه جي قديمي ڳوٺن تي چڙهائي،چڪريون

ڪراچي(  رپورٽ شهزادو مستوئي )ملير جي گڏاپ لڳ بحريا ٽائون انتظاميا جي ڳري مشينري سان مقامي ماڻهن جي قديمي ڳوٺن تي چڙهائي ،ڳوٺاڻا ٻارين بچين گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ،بلڊوزرن ۽ شاولن اڳيان ليٽي سخت مزاحمت ، سڄو ڏينهن چڪريون علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهو، بحريا علمدارن  عورتن تي به مشِنري چاڙهي ڇڏي 5 کان وڌيڪ عورتون زخمي ،سخت مزاحمت سبب عملدار ڳوٺ ڊاهڻ ۾ ناڪام،بحريا عملدارن طرفان  پوليس جي پهري هيٺ  ۾ مهاڳي جي زمين تي ولار ،چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ حڪومتي تي حيرت ۽ ڏک جو اظهار ڪريون ٿا ڌرتي ڌڻي آهيون ڌاريا سمجهي چڙهائي ڪي اخلاق انساني ۽ بنيادي حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي سنڌ جي سياسي سماجي ۽ انساني حقن جي تنطيمن کي مدد جي اپيل ڪريون ٿا ڳوٺاڻن جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب ملير ضلعي جي  گڏاپ واري علائقي جي تڪراري رهائشي رٿا بحريا ٽائون  جي انتظاميا ،هٿيار بند سيڪيورتي عملدارن،گڏاپ  ٿاڻي جي پوليس سان گڏ ڪالھ صبح جو ان وقت اوچتو ڳري مشينري سان ديھ ڪاٺوڙ ۾ مقامي ماڻهن جي قديمي ڳوٺن هادي بخش گبول ۽ ٻين ڳوٺن تي چڙهائي ڪري ڏني جڏهن ماڻهو رمضان مهيني ۾ روزي رکي گهرن ۾ آرامي هئا  اهڪار چڙهائي ڪندي ڳوٺ ۾ ڪاهي پيا ته هر طرف افراتفري مچي ويئي ۽ ڳوٺاڻا ٻارين بچين گهرن کان ٻاهر نڪري آيا جي سر تان سانگو لاهي بلڊوزرن ۽ شاولن اڳيان ليٽي سخت مزاحمت ڪندي کين اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي  جنهن سبب سڄو ڏينهن چڪريون جاري رهيون ۽ علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهوان دوران  بحريا علمدارن  بلڊوزرن ۽ شاوولن جي اڳيان اچڻ تي عورتن تي به مشِنري چاڙهي ڇڏي جنهن سبب 5 کان وڌيڪ عورتون مائي ڀاڳل ،رضيا ،صفوران، امينا، صڌوري زخمي ٿي پيون  ۽ صورتحال انتاهئي خراب ٿي ويئي رهواسي لٺيون ۽ لوهي سلاخون کڻي آيا سخت مزاحمت سبب عملدار ڳوٺ ڊاهڻ ۾ ناڪام واپس موٽڻ تي مجبور ٿي پيا واپسي تي بحريا عملدارن طرفان  پوليس جي پهري هيٺ  ۾ مهاڳي جي زمين تي جيڪا .حاجي اميد علي،حاجي اميرالدين گبول جي ٻڌائي وڃي ٿي تي  ولار ڪرڻ شروع ڪري ڏني  ان موقعي تي ڳوٺاڻن حاجي اميد علي  گبول، حاج امير الدين گبول، سلطان گبول ۽ ٻين صحافين سان رابطو ڪري ٻڌايو ته اسان سالن کان پنهنجي اباڻي زمين تي آباد آهيون پر بحريا ٽائون انتظاميا اسان لاءِ رڻ باري ڏنو آهي اسان لاءِ زمين تنگ ڪئي ويئي آهي هنن چيو ته اسان چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ حڪومتي تي حيرت ۽ ڏک جو اظهار ڪريون ٿا ڌرتي ڌڻي آهيون ڌاريا سمجهي چڙهائي ڪري اخلاق، انساني ۽ بنيادي حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي هنن سنڌ جي سياسي سماجي ۽ انساني حقن جي تنطيمن کي مدد جي اپيل ڪريون ٿا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو