بحريا جي سنڌي وسندين تي يلغار برداشت نه ڪبي، نادر گبول

ڪراچي (باغي ساگر پنھوار ) اڳوڻي ايم اين اي سردار نبيل گبول جي فرزند پي پي اڳواڻ نادر گبول ۽ لکھمير گبول چيو آھي ته بحريا ٽائون جي انتظاميه جون قديم وسندين تي چڙھايون برداشت نه ڪيون وينديون ڪراچي جي علائقي صفوران ڳوٺ مان پي پي اڳواڻ نادر گبول ۽ لکھمير گبول جي اڳواڻي ۾ قافلو بحريا ٽائون پھچي ويو قافلي ۾ اڳوڻي چيئرمين محمدالياس گبول۔احمد گبول۔رحيم گبول۔راحيل ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي نادر گبول فيضو گبول جي پٽ ۽ ٻين کي يقين ڏياريو ته ھو ڳوٺاڻن سان گڏ آھن ڳوٺاڻن سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي پي پي اڳواڻ نادر گبول ۽ رئيس لکھمير گبول چيو ته سپرھاء وي کان گبول برادري سان گڏ ڪيترائي مختلف برادرين جا ڳوٺ آھن جن مٿان بحريا ٽائون جي ملڪ رياض قبضو ڪيو آھي ھنن چيو ته ڪنھن به ڳوٺاڻي سان ناانصافي نه ٿيندي ۽ ڳوٺاڻن جي حقن لاء پارٽي قيادت سان ملاقات ڪري مسئلو حل ڪرايو ويندو سندن چوڻ ھو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت بائونڊري وال ڏياريا ويا آھن ان باوجود روزانو لڏائڻ لاء حراسان ڪيو پيو وڃي نادر گبول ۽ رئيس لکھمير گبول چيو ته ڪنھن به صورت ۾ ڳوٺ خالي نه ڪنداسون بحريا ٽائون ٻيھر ھٿ چراند ڪئي ته سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو