بجلي چوري خلاف آپريشن، 2 ڄڻا جيل حوالي،ڪنيڪشن ڪاٽا

مورو(رپورٽ مورائي اياز سولنگي) سيپڪو سکر جي سربراهه سعيد احمد ڏاوچ واپڊا جي عملي سان مورو شھر جي مختلف علائقن ۾ اوچتو ڇاپا ھڻي وڏي تعداد ۾ لڳل غير قانوني ڪنيڪشن ڪٽرائي ڇڏيا ۽ بجلي جي ٿنڀن تي لڳل بجلي جا ميٽر ۽ ڪنيڪشن چيڪ ڪيا. ڪيترائي ڪنيڪشن غير قانوني ھجڻ ڪري ڪاٽيا ويا ۽ بجلي چوري ۾ ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. آپريشن دوران بجلي جي چوري ۾ ملوث ھجڻ جي ڏوھ ۾ عاشق لاشاري ۽ وقاص احمد کي موقعي تي گرفتار ڪيو ويو. ان موقعي تي سيپڪو سکر جي سربراهه ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ بجلي جي چوري ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪئي ويندي مورو شھر ۾ بجلي جي بلن جي ادائيگي گھٽ ٿي رھي آھي جنھن جي ڪري لوڊشيڊنگ ۾ اضافو آھي. ھن چيو تہ بجلي جي صارفين کي گھرجي تہ اھي بجلي چوري کان پاسو ڪن ۽ بل ادا ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ھن چيو تہ اسان مورو ۾ ڪافي علائقن کي محفوظ ڪيو هو پر شھرين ڪنڊا ڪلچر کي ٻيھر شروع ڪري  ڏنو آھي جنھن جي ڪري لائين لاسز وڌي ويا آهن. اسان ٻيھر ڪوشش ڪري رھيا آھيون تہ

مورو شھر کي بجلي چوري کان صاف ڪيون ۽ جيڪي غير قانوني ڪنيڪشن آھن اھي بہ ختم ڪرايا وڃن. بجلي چوري ۾  واپڊا ملازم سميت ڪير بہ ملوث ھوندو ان خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. مورو جي بجلي صارفين کي گھرجي تہ هو بقاياجات ادا ڪري پاڻ کي باقيدارن جي لسٽ مان آجو ڪن ٻي صورت ۾ سخت قدم کنيو ويندو. سيپڪو سربراهه سان ڇپن دوران، ايس اي سرفراز احمد، انجنيئر راجہ عبدالعزيز رِڏ، ايس ڊي او روٽري سرڪل جماڻي علي نواز حيدري، ايس ڊي او مورو مجيب الرحمان قريشي ۽ ڊي سي ايم ظھور احمد قريشي گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو