بجلي قيمتن ۾29 سيڪڙو واڌ عوام دشمني جي انتها آهي، بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ سال دوران بجلي جي قيمتن ۾ 29 سيڪڙو واڌ عوام دشمني جي انتها آهي. مافياز جي سرپرست حڪومت عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهي آهي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌندڙ مهانگائي جي حوالي سان بيان ۾ چيو ته گهرن جي  ڪراين ۾ 9.3 سيڪڙو تائين اضافو  عام ماڻهو کي روڊ تي آڻڻ جي برابر آهي. کائڻ پيئڻ  جون شيون 15.9 سيڪڙو تائين مهانگيون ٿي چڪيون آهن.بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت بدترين مهانگائي ۾ بينظير مزدور ڪارڊ جاري ڪيو. مزدور ڪارڊ مان 6 لک رجسٽرڊ صنعتي مزدورن جي خاندانن جي زندگي آسان بنائينداسين.بيماري جي دوران بينظير مزدور ڪارڊ سان ميڊيڪل گرانٽ ڏني ويندي. ٻارن جا تعليمي خرچ، شادي جي لاءِ به گرانٽ ملندي. پيپلز پارٽي وفاق ۾ اقتدار ۾ اچي سڄي ملڪ جي مزدورن کي بينظير ڪارڊ ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو