بجلي بند ڪرڻ خلاف شهرين جو سيپڪو آفيس اڳيان ڌرڻو

مورو (اياز سولنگي) گچيرو روڊ تي ٽن هفتن کان بجلي جا ٽرانسفارمر لاهي مڪمل طور تي بجلي بند ڪرڻ واري عمل خلاف محمد اسلم ڪوريجو، ياسين سومرو، بلاول ڏاهري، ماجد علي سھتو، غلام مصطفي سيال، خادم کوسو، جاني سولنگي، اڪرم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مورو جي سيپڪو انجنيئر آفيس آڏو مين گيٽ جي سامهون ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ گچيرو روڊ جي رهواسين سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بنا ڪنهن سبب جي گچيرو روڊ جي علائقي جا پنج ٽراسفارمر سيپڪو مورو جا عملدار لاهي کڻي ويا آھن جنهن ڪري ٽن هفتن کان هي علائقو بجلي کان محروم آھي ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آھن تدريسي عمل متاثر ٿي رهيو آھي پيئن جي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آھي,مسجدن ۾ وضو لاءِ پاڻي ناهي. واپڊا مورو جي ايس ڊي او اسد ميمڻ ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي هن ڳري رشوت جي گهر ڪئي جيڪا نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٽراسفارمر لاهي بجلي بند ڪئي وئي آهي. هنن چتاءَ ڏنو ته جيستائين ٽرانسفارمر لڳائي بجلي بحال نه ڪئي وئي ته اسان جو احتجاج ۽ ڌرڻو جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو