بارڊر بند ڪري افغانين لاءِ ٻين صوبن ۾ ڪيمپ لڳايو، راهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي سنڌ حڪومت افغان مهاجرن لاءِ فاٽا، ڪي پي، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ ڪئمپس لڳائي. هن چيو ته افغانستان ۾ طالبان ۽ افغان فورسز ۾ لڙائي جاري آهي ۽ وڏي پئماني تي پناهگير پاڪستان لڏ پلاڻ ڪري سگهن ٿا، ڪراچي سميت سموري سنڌ تي اڳ ئي پناهگيرن جو بار آهي، وڌيڪ بار برداشت نه ٿا ڪري سگهون، پناهگيرن کي ٻين صوبن ۾ ترسايو وڃي، هن چيو آهي ته وفاقي حڪومت بارڊر سيل ڪري. ڪراچي ۾ اڳ ئي تيزي سان وڌندڙ آبادي جو دٻاءُ آهي، ان جي ڪري ڪراچي ۾ امن امان، بجلي، گئس، پاڻي ۽ روزگر جهڙن مسئلن جو شڪار آهي، اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ضياءَ طرفان آندل افغاني اڃا تائين سنڌ مان واپس نه ويا، وفاق کان فنڊز نه ملڻ جي ڪري سنڌ حڪومت پهرين ئي مالي مسئلن جو شڪار آهي، هاڻي سنڌ ڪنهن جو بار برداشت نٿو ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو