بارش سبب پاڪستان ۽ سريلنڪا ميچ رد ٻنهي کي هڪ هڪ پوائنٽ

برسٽل(م ڊ) انگلينڊ جي شهر برسٽل ۾ بارش سبب پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ ميچ نه ٿي سگهيو بنهي ٽيمن کي منجهند تائين انتظار بعد هڪ هڪ پوائنٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪجهه دير لاءِ بارش بند ٿي ته گرائونڊ اسٽاف ميدان کي خشڪ ڪرڻ شروع ڪيو پر پاڻي نه سڪائي سگهيا. ڪجهه دير بعد وري بارش شروع ٿي ته اسٽاف جي ڪوششن تي پاڻي ڦري ويو. پاڪستان جا چاهيندڙ مايوس ته سريلنڪا کان پاڪستان کٽي وڃي ها. جڏهن ته ڪجهه چون پيا ته الله عزت جي رکي مفت ۾ هڪ پوائنٽ ملي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو