بااثر وڏيري جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ٽنڊوغلام حيدر( ميرحسن رند ) ڳوٺ سلطان لغاري ۽ حاجي مٺو لغاري جي رهواسين حاجي مٺو لغاري، محمد عرف مامون لغاري، شاه بخش لغاري ۽ ٻين بااثر وڏيري جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي سروي زمين تي سئو سالن کان ويٺل آهيون جنهن سبب با اثر وڏيرو ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي اسان تي پوليس چڙهائي ڪرائي اٿس ۽ ڳوٺاڻن جي اچ وڃ جا سمورا روڊ رستا به بند ڪري ڇڏيا آھن جنهن سبب اسڪولي ٻارڙن جي تعليم به سخت متاثر بڻيل آهي جيڪو اسان غريبن سان وڏو ظلم ۽ ناحق آھي. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان سئو سالن کان آباد آھيون اسان کي بي گھر ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ اسان جي ٻارڙن مٿان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ۾ وڏيري پاران رستي جي بندش ختم ڪرائي مٿس قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو