رياض (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن اڄ سعودي عرب روانو ٿيندو.بايئڊن جي دوري جي موقعي تي سعودي عرب خير سگالي جي جذبي جي طور تي سمورن اسرائيلي جهازن لاءِ فضائي حدون کوليون آهن. آمريڪي صدر سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪندو.بائيڊن جو چوڻ آهي ته دوري جو مقصد سعودي عرب سان لاڳاپا بحال ڪرڻ آهي.










