ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان جي اڳوڻي صدر اشرف غني گذريل ڏينهن پشاور پوليس لائن جي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اشرف غني جو چوڻ آهي ته پشاور ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪريان ٿو.هن چيو ته حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان.اشرف غني جو چوڻ آهي ته خودڪش ڌماڪي ۾ شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪريان ٿو.واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي پيش ڪيل ابتدائي رپورٽ موجب پشاور پوليس لائن ڌماڪي ۾ هن وقت تائين 88 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته 157 زخمي ٿيا آهن.
