لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پرائم انٽيلي جنس اداري “آءِ ايس آءِ” جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر) ظهيرالاسلام خلاف سندس ٻئي گهرواري پلواشه بهرام علحدگي بعد خرچ ڏيڻ بابت ڪيس داخل ڪيو آهي. لاهور جي فيملي ڪورٽ جي جج عبدالمنيم جي عدالت کيس نوٽيس جاري ڪندي 20 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. سندس گهرواري چيو آهي ته عدالت کيس ٻارن سندس جي خرچ لاءِ کيس پابند ڪري. ياد رهي ته جنرل ظهير الاسلام جڏهن آءِ ايس آءِ جو سربراهه هو ته ان وقت عمران خان اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو هو. اڳوڻي آرمي چيف جنرل آصف نواز جنجوعه جي ڀاءُ شجاع نواز جنجوعه پنهنجي ڪتاب ۾ انڪشاف ڪيو هو ته جنرل ظهير نواز حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ چاهي پيو ۽ هن ڪجهه ڪور ڪمانڊرز کي اعتماد م به ورتو هو پر تڏهوڪي آرمي چيف خبر پوڻ تي کيس آءِ ايس آءِ جي سربراهي تان هٽائي ڇڏيو هو. پلواشه بهرام پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري آهي. هن کي جنرل ظهير مان هڪ پٽ جي اولاد آهي.
