آءِ ايم ايف پاران نئين قرض جي منظوري ايندڙ مهيني تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) طرفان پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج جي منظوري ۾ وڌيڪ دير ٿي وئي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي شيڊول ۾ پاڪستان جو نالو شامل ناهي ڪيو ويو ۽ ايگزيڪيوٽو بورڊ 28 کان 30 آگسٽ تائين ويٽنام سميت 3 ٻين ملڪن جي درخواستن تي غور ڪندو.ذريعن موجب پاڪستان لاءِ قرض جي نئين پروگرام جي منظوري ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته دوست ملڪن کان 12 ارب ڊالرن جي قرض جي بروقت نه اچڻ کي دير جو وڏو سبب قرار ڏنو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ اجلاس کان اڳ پرڏيهي فنانسنگ يقيني بڻائڻ جي شرط رکي آهي، پاڪستان وٽ سعودي عرب کان 5 ارب ڊالر، چين کان 4 ارب ڊالر ۽ يو اي اي کان 3 ارب ڊالر جا ذخيرا آهن.ذريعن موجب حڪومت 3 ملڪن جي 12 ارب ڊالرن جي ڊيپوزٽ رول اوور ۽ ڪمرشل قرضن جي ري فنانسنگ لاءِ آهي جڏهن ته پاڪستان کي هلندڙ مالي سال تجارتي قرضن سميت 26 ارب 40 ارب ڊالرن جي مجموعي پرڏيهي ادائيگيون ڪرڻيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو