اڌ صدي پراڻو اسڪول، ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب جزوي طور بند

ملير (شهزادو مستوئي) ڪراچي جي قديم وسندي جمع حماتي ڳوٺ ۾ اڌ صدي کان قائم سرڪاري پرائمري اسڪول جي عمارت خطرناڪ حدتائين ڪمزور ٿي ويئي آهي عمارت جا بنياد به لڏڻ لڳا آهن جنهن سبب اسڪول انتظاميا هنگامي بنيادن تي پنجن ڪمرن مان ٻه ڪمرا خالي ڪرائي بند ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته هن وقت ٽن  ڪمرن جي ڇتين جا ڇاپڙا ڪرڻ ۽ ڀتين ۾ ڏار پوڻ سبب اتي موجود 250 ٻار ۽6  استاد  خوف ۾ ورتل آهن ان سلسلي م ڳوٺاڻن جي دعوت تي عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين جي ٽيم ڄاڻايل اسڪول پهچي دورو ڪيو ۽ انتظاميا کان مسئلا معلوم ڪيا ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي پروين ٻڌايو ته اسڪول ۾ 100 کان وڌيڪ  نياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿيون، اسڪول جي ننڌڻڪائي جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪول مان چور در ،دريو، بجلي جون تارون ۽ پنکا به لاهي ويا آهن.

جنهن خلاف پوليس وٽ رپورٽ به ڪئي ويئي آهي پر ڪو کڙتيل نه نڪتو آهي ٻار هن وقت ڪهر جهڙي گرمي ۾ ڇتين کان خالي  ڪمرن ۾ پڙهائي ڪرڻ تي مجبور آهن هن چيو ته اسڪول ۾ 6 استاد آهن جن مان 4 ماسترياڻيون ۽ ٻه مرد استاد  آهن جيڪڏهن هن اسڪول جي فوري طور نئين سر اڏاوت نه ڪئي ويئي ته وڏي نقصان جو انديشو آهي.  ٻي طرف ڳوٺاڻن جي مسلسل احتجاج تي ايجيوڪيشن ورڪس جا ڪامورا گذريل ڏينهن اسڪول جي اڏاوت بدران رڳو مرمت لاءِ پهتا  ته يونين ڪائونسل جمع حمايتي جي چيئرمين حاجي دلمراد حمايتي کين  زبون حال اسڪول جي عمارت کي خطرناڪ قرار ڏيندي عملي کي مرمت کان روڪي ڇڏيو هن ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسڪولي ٻارن جون حياتيون خطري ۾ آهن زبون حال اسڪول جي عمارت اسڪول ڪيرائي نيئن سر اڏاوت ڪئي وڃي جيڪڏهن ڪمزور ڀتين ۽ ڇتين جي مرمت ڪئي ويئي ته عمارت وڌيڪ ڪمزور ٿي اوچتو ڪري پوندي ڪو به جاني نقصان ٿي سگهي ٿو جنهن جي ذاميوار ايجسوڪيشن جا ڪامورا هوندا جڏهن ته ايجيوڪيشن ورڪس جي سب انجينيئر لياقت حسين جو چوڻ هو ته اسان 4 ايس اسڪيم تحت رڳو اسڪول مرمت جا اختيار رکون ٿا جيڪڏهن مرمت تي به اعتراض ڪيو ويو ته  مرمت به نه ٿي سگهندي هن چيو ته اهو ڪم چونڊيل نمائندن جو آهي ته هو سيڪريٽري تعليم سان ملي اسڪول جي نئين سر اڏاوت جو ڳالهائين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو