بابر جي سينچري،حارث جي ففٽي، نيوزيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان هيستائين ناقابل شڪست نيوزيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل جو سفر جاري رکيو آهي. پاڪستان 238 جو ٽارگٽ جو ٽارگٽ 50 هين اوور ۾ حاصل ڪيو. بابر اعظم 124 بالن تي سينچري ڪئي. آخري رنز لاءِ هن ڪافي بال ضايع ڪيا ۽ ڊڄي کيڏندي سينچري مڪمل ڪئي، حارث سهيل جلدبازي ڪندي رن آئوٽ ٿيو. نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 50 اوورز ۾ 237 رنسون ٺاهيون، سندن 6 رانديگر آئوٽ ٿيا. پاڪستان بيٽنگ شروع ڪئي ته فخر ۽ امام جارحاڻو انداز اختيار ڪيو ۽ فخر بولٽ جي بال تي غلط شاٽ کيڏي گپٽل هٿان ڪيچ ٿيو. امام الحق به 19 رنز ٺاهي فرگوسن جي بال تي گپٽل هٿان ڪيچ ٿيو، گپٽل انتهائي شاندار فرنٽ ڊائيو تي ڪيچ ورتو. حفيظ 32 رنز ٺاهي وليمسن جي بال تي فرگوسن هٿان ڪيچ ٿيو. برسات سبب ميچ دير سان شروع ٿيو، اڄ پاڪستان جو مقابلو هن وقت تائين ناقابل شڪست رهندڙ نيوزيلينڊ سان آهي. پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ اڄوڪي ميچ کٽڻي پوندي. حفيظ بولنگ اوپن ڪئي گپٽل پهرين بال تي ئي کيس چوڪو هنيو. عامر جي پهرين بال تي وڪيٽ، گپٽل ان سائيڊ ايج بولڊ. نيوزيلينڊ 5 اوورز ۾ 22 رنز ٺاهيون ۽ محطاط انداز ۾ بيٽنگ ڪئي. منرو کي شاهين آفريدي 12 تي سلپ ۾ ڪيچ آئوٽ ڪرايو. روز ٽيلر کي به آفريد سرفراز هٿان ڪيچ ڪرايو، سرفراز شانداد هڪ هٿ سان ناقابل ٿقين ڪيچ پڪڙيو. 9 اوورز ۾ 38 رنز تي نيوزيلينڊ جا 3 آئوٽ ٿي ويا. ٽوم ليٿم هڪ رن ٺاهي آفريدي جي بال تي سرفراز هٿان ڪيچ ٿيو، وليم سن 41 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي ڪيپر هٿان ڪيچ ٿيو. نيوزيلينڊ جي تيم بحران جو شڪار آهي 27 اوورز ۾ 84 رنز تي 5 آئوٽ آهن.گرينڊ هوم عامر جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿي ويو. نيوزيلينڊ تي شروع کان ئي پاڪستاني بالرن دٻاءَ ۾ رکيو. نيشام 97 تي ناٽ آئوٽ رهيو. عامر 67، هاب 55 ۽ شاداب 43 رنز ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو