ڪراچي(ويب ڊيسڪ)حڪومت پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي.اسحاق ڊار چيو ته 30 جون تائين ڊيزل ۽ پيٽرول جون موجوده قيمتون برقرار رهنديون، پيٽرول جي في ليٽر قيمت 262 رپيا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 253 رپيا في ليٽر برقرار رهندي.ناڻي واري وزير چيو ته گاسليٽ جي قيمت 164 رپيا 7 پئسا في ليٽر برقرار رهندي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت 147 رپيا 68 پيسا في ليٽر برقرار رهندي.










