اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ايف آءِ اي آڏو پيش

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) جي آڏو پيش ٿيو. ايف آءِ اي طرفان اماڻيل نوٽيس ۾ شهباز شريف کان رمضان شوگر ملز جي ننڍن ملازمن وارن کاتن ۾  منتقل ڪيل 25 ارب روپين تي جواب گهريو ويو آهي. جڏهن ته ايف آءِ اي حمزه شهباز کي به 24 جون تي طلب ڪري رکيو آهي.شهباز شريف گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ کان حفاظتي ضمانت ڪرائي هئي. اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف کنڊ اسڪينڊل ۾ طلب ڪرڻ تي ايف آءِ اي لاهور جي آفيس ۾ پيش ٿيو. اپوزيشن اڳواڻ جي  پيشي جي سلسلي ۾ ايف آءِ اي آفيس ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. جڏهن ته (ن) ليگ جا ڪارڪن به ايف آءِ اي  آفيس ٻاهران جمع آهن.شهباز شريف جي ليگل ٽيم جاچ ٽيم جي نوٽيس جو جواب تيار ڪري ورتو آهي. ليگل ٽيم جي جواب ۾ شهباز شريف پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته جڏهن کان پبلڪ آفيس هولڊر بڻجيو آهيان تڏهن کان ڪنهن به ڪاروبار سان منهنجو تعلق نه آهي منهنجا ٻار سمورن معاملن ۾ خودمختار آهن.اپوزيشن اڳواڻ وڌيڪ چيو آهي ته ايف آءِ اي جي مبينه طور تي 6 مهينن کان خاموشي ڳڻتي جوڳي آهي. سياسي انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي. رمضان شوگرمل جاچ نيب اڳ ئي مڪمل ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو