مٺي(ن س) ٿر جي سول سوسائٽي اٽي سميت عام واهپي ۽ دوائن جي اگهن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪندي ٿر ۾ ڪڻڪ جي پيداور نه ٿيڻ ڪري سنڌ حڪومت کان ٿر ۾ اڌ قيمت تي ڪڻڪ فراهم ڪرڻ ۽ عام واهپي جي شين تي سبسڊي ڏيڻ ۽ اسٽون پاليسي بجاء لبرل پاليسي تحت سرڪاري ڪڻڪ ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي، مٺي ۾ ٿر سٽيزن فورم جي سڏ تي چيئرمين اوڀايو جوڻيجو، ساجد بجير، عبدالسبحان سمیجو، اعجازبجیر، ارباب خالد، ڪريم سمیجو، وڪيل قربان سميجو، سائينداد هنڱورجو، اڪبر درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلاول پارڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪيو ويو ۽ ڪشمير چوڪ تي سوين ماڻهن احتجاجي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ اٽي سميت مختلف عام واهپي جي شين ۽ دوائن جا اگهه گهٽائڻ جو مطالبو ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ٿر جي سول سوسائٽي جي اڳواڻن اوڀايو جوڻيجو، اعجاز بجير، عبدالسبحان سمیجو، سائينداد هنڱورجو، وڪيل ديوت راء، اڪبر درس، ساجد بجیر، ڪريم سمیجو، وڪيل قربان سميجو ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته حڪمران هوش مان نڪري ويا آهن ۽ ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان عروج تي آهي عوام بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهي ۽ ٿر ۾ اڳ ۾ به غربت آهي جنهن ڪري هن گاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب روزانو ماڻهو بکي پيٽ خودڪشيون ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته ٿر ۾ ڪڻڪ جي پيداور نه ٿي ٿئي پر ان جي باوجود به حڪومت ٿر کي ڪڻڪ نه ٿي فراهم ڪري ۽ ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار ۽ پيٽ پالڻ تي مجبور بڻيل آهن، هنن چيو ته جڏهن 26 سئو روپيا اٽو مڻ هو تڏهن پيپلزپارٽي جا نمائندا ٽريڪٽر مارچ سان گڏ روڊن تي ان وقت جي سرڪار خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا پر جڏهن اڄ پاڻ حڪومت ۾ آهن ته اٽو 6 هزار روپيا مڻ ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون مهانگيون آهن اتي ڳالهائڻ لاء تيار نه آهن، هنن چيو ته گذريل 15 سالن کان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي سرڪار آهي ۽ عوام به سدائين انهن کي ووٽ ڏنو آهي پر اهي عوام جي حقن تي ڳالهائڻ لاء تيار نه آهن، هنن چيو ته حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي انهن کي وري جلد ووٽ لاء عوام ۾ وڃڻو آهي ۽ اهي عوام جي نمائندگي ڪن نه ته انهن کي عوام رد ڪندو، هنن چيو ته ٿر ۾ هڪ پاسي وياج خور عوام سان ظلم ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي حڪمرانن مهانگائي ڪري عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ ماڻهو خودڪشيون پيا ڪن، هنن چيو ته ماضي ۾ ٿر کي اڌ قيمت تي ڪڻڪ ڏني ويندي هئي پر هاڻي ائين نه ٿو ٿئي انڪري اسان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ٿا ڪيون ته ٿر غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري ٿو جنهن ڪري ٿر ۾ اڌ قيمت تي ڪڻڪ ڏني وڃي ۽ ڪڻڪ جي فراهمي اسٽون پاليسي بجاء لبرل پاليسي تحت ڏني وڃي، هنن چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو اگھ 4000 هزار مقرر ڪيو آهي ته پوء اٽو 6 هزار روپيا مڻ ڪئين ٿو ڏنو وڃي حڪومت پنهنجي نوٽيفڪيشن تي عمل ڪرائي اٽي سميت عام واهپي ۽ دوائن جا اگھ گهٽرائي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو، جڏهن ته احتجاجي ڌرڻي ۾ مزدوري ڪندڙ پورهيتن ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن سوين جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
