اي ڊي بي پاران پاڪستان ۾ انشورنس شعبي ۾ سڌارن جي تجويز

اي ڊي بي پاران پاڪستان ۾ انشورنس شعبي ۾ سڌارن جي تجويز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان ۾ انشورنس شعبي ۾ سڌارا تجويز ڪيا آهن.ان حوالي سان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انشورنس قدرتي آفتن ۾ مالي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، خانگي شعبي ۾ انشورنس جو ڪردار تمام محدود آهي.ايشيائي ترقياتي بينڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انشورنس رسڪ فنانسنگ پاڪستان ۾ نجي منصوبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پاڪستان جي حڪومت کي انشورنس شعبي کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غريبن لاءِ سماجي انشورنس لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، ملڪ ۾ انشورنس شعبي لاءِ ريگيوليٽري ماحول کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي.رپورٽ موجب، آبادي جي اڪثريت انشورنس کان واقف ناهي، گروپ انشورنس شعبي جي ترقي ۾ فرد جي بدران اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ملڪ ۾ انشورنس پريميئم وڌائڻ جي ضرورت آهي.ايشيائي ترقياتي بينڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت کي خانگي شعبي ۾ لازمي انشورنس ڪوريج فراهم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سرڪاري ملازمن جي پينشن اسڪيم پرڪشش آهي پر ان جي فنڊنگ لاءِ ڪو به طريقو اختيار نه ڪيو ويو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري خزاني تي سرڪاري پينشن جو بار تمام گهڻو آهي، ۽ اي او بي آءِ پينشن جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو