ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايلون مسڪ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (ٽوئٽر) جي سبسڪرپشن پروگرام ۾ نئين تبديلي جو اعلان ڪيو آهي. هاڻي ڪجهه اڪائونٽن سبسڪرپشن حاصل ڪرڻ بنا پريميئم فيچرز کي مفت استعمال ڪري سگهندا. ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾، ايلون مسڪ چيو آهي ته اهڙا صارف جن جا اڍائي هزار تصديق ٿيل اڪائونٽ وارا فالوئر هوندا تن کي مفت پريميم سروس جي سهولت هوندي. اهڙي طرح جنهن صارف جا پنج هزار تصديق ٿيل فالوئر هوندا تن کي پريميئم پلس فيچرز تائين مفت پهچ ڏني ويندي. ياد رهي ته ايڪس پريميئم جي ماهوار سبسڪرپشن جي فيس 2250 رپيا آهي، جنهن ۾ صارفين کي مختلف خاص فيچرز تائين پهچ حاصل آهي جهڙوڪ ايڊٽ پوسٽ، ڊگھي پوسٽ ۽ وڊيوز اپ لوڊ ۽ ڊائون لوڊ جون سهولتون شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو