ايڪسچينج جي عمارت ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو ، واپار بحال

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي.فائر برگيڊ عملدارن موجب ڪراچي جي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي واقع پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چوٿين ماڙ تي باهه لڳي وئي، جنهن کانپوءِ واپار بند ڪيو ويو.فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته عمارت ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع ملندي ئي فائر ٽينڊر پهچي باهه تي ضابطو آندو.فائر برگيڊ عملي موجب هڪ ڪلاڪ جي جدوجهد کانپوءِ عمارت ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي ۽ کولنگ جو عمل جاري آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ باهه لڳڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي پر معمولي مالي نقصان ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو