ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته روزاني هڪ لک ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وڃي ۽ ايڪسپو سينٽر هال ۾ پنجاهه هزار ويڪسينيشن جي گنجائش ٺاهي وڃي.وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪورونا وائرس ٽاسڪ فورس اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪورونا جي پهرين لهر ۾ 11 جون 2020 تي سڀني کان وڌيڪ 3 هزار اٺيتاليهه ڪيسز هئا. ٻئي لهر ۾ 10 ڊسمبر 2 هزار ويهه تي سڀني کان وڌيڪ 3 هزار اٺٽيهه ڪيس هئا. ٻئي لهر ۾ 10ڊسمبر 2020 تي 1983 ڪيسز هئا اوڻٽيهه اپريل ٻه هزار ايڪيهه تي ٽئين لهر ۾ سڀني کان وڌيڪ هڪ هزار چوهٺ ڪيسز رپورٽ ٿيا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته عيد موڪلن تي به ويڪسينيشن سينٽر کليل رهندا. لاڪ ڊائون تي عمل جي حوالي سان ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 9 مئي تي تقريبن لاڪ ڊائون هو برآمدات تي ٻڌل صنعتي يونٽس عيد جي موڪلن ۾ به ڪم ڪندا رهندا. وڏي وزير ٻڌايو ته ڪالهه ڪورونا سبب 16 فوتگيون ٿيون.واپارين ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون ته هو اهڙي صورتحال ۾ تعاون ڪري رهيا آهن هي مشڪل فيصلو هو پر اسان عوام جي تحفظ خاطر اهو فيصلو ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير اجلاس دوران صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته هڪ لک ويڪسين روزاني لڳائي وڃي. ايڪسپو سينٽر ۾ روزاني 50 هزار ويڪسينيشن جي گنجائش ٺاهي وڃي.
وزيراعظم جي چيف جسٽس سان ملاقات چيمبر ۾ جاري
فوجي عدالتن ۾ محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت
سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري جي واڌ ٿيندي
اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ٿيا آهن
پاڪستان جي ثانوي اڀرندڙ مارڪيٽ جي حيثيت برقرار
حڪومت اٽو برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي
بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالا شامل
سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: تارڙ
صوبي ۾ پاڻي کوٽ تي وفاق سان اختلاف آهن: شورو
سپريم ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪندڙ 5 جوابدار ٻيهر گرفتار
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 90 پئسا ٿي ويو
راڻا ثنا خلاف ڪيس جي درخواست، ايس ايڇ او کي نوٽيس
آمريڪا ۽ ان جا حواري مضبوط روس کان ڊڄن ٿا: پوتن
وزيراعليٰ ڪيترن ئي زرعي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪاڪول ۾ قومي رانديگرن جي ٽريننگ شروع
ماڻهن کي ثناءُ ۽ شعيب جي لاڳاپن جي خبر نه هئي
اڄوڪي-اخبار-2024-03-28
اڄوڪي-اخبار-2024-03-28
پريا ڪماري پاتال مان ٻاھر ڪئين ايندي
سوشل ميڊيا معلومات جو اهم ذريعو بڻجي چڪو آهي