سنڌ ۾ روزانو هڪ لک ماڻهن کي ويڪسين لڳايو، مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته روزاني هڪ لک ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وڃي ۽ ايڪسپو  سينٽر هال ۾ پنجاهه هزار ويڪسينيشن جي گنجائش ٺاهي وڃي.وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪورونا وائرس ٽاسڪ فورس اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪورونا جي پهرين لهر ۾ 11 جون 2020 تي سڀني کان وڌيڪ 3 هزار اٺيتاليهه ڪيسز هئا. ٻئي لهر ۾ 10 ڊسمبر 2 هزار  ويهه تي سڀني کان وڌيڪ 3 هزار اٺٽيهه ڪيس هئا. ٻئي لهر ۾ 10ڊسمبر 2020 تي 1983 ڪيسز هئا اوڻٽيهه اپريل ٻه هزار ايڪيهه تي ٽئين لهر ۾ سڀني کان وڌيڪ هڪ هزار چوهٺ ڪيسز رپورٽ ٿيا. بريفنگ ۾ ٻڌايو  ويو ته عيد موڪلن تي به ويڪسينيشن سينٽر کليل رهندا. لاڪ ڊائون تي عمل جي حوالي سان ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 9  مئي تي تقريبن لاڪ ڊائون هو برآمدات تي ٻڌل صنعتي يونٽس عيد جي موڪلن ۾ به ڪم ڪندا رهندا. وڏي وزير ٻڌايو ته ڪالهه ڪورونا سبب 16 فوتگيون  ٿيون.واپارين ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون ته هو اهڙي صورتحال ۾ تعاون ڪري رهيا آهن هي مشڪل فيصلو هو پر اسان عوام جي تحفظ خاطر اهو فيصلو ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير اجلاس دوران صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته هڪ لک ويڪسين روزاني لڳائي وڃي. ايڪسپو سينٽر ۾ روزاني 50 هزار ويڪسينيشن جي گنجائش ٺاهي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو