ايڇ آءِ وي علاج لاءِ نئين مرڪز جو بلاول افتتاح ڪري ڇڏيو

رتوديرو(عطاءَ الله بروهي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تعلقا اسپتال رتوديرو پهچي ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سپورٽ سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پوري دنيا سميت سڄي پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي هڪ تمام اهم اشو آهي ڪجھ مهينا پهريان ميڊيا تي خبرون آيون ته رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي مرض جو وڏو آئوٽ بريڪ ٿيو هو . سنڌ حڪومت پوري ملڪ جي مختلف ادارن سان گڏجي ان بيماري جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته  يونيسيف ۽ ٻين ادارن سان گڏ جي رتوديرو ۾ هي ٽريٽمينٽ سپورٽ سينٽر ٺاهيو  ويو آهي جتي ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا مريضن جو علاج ڪيو ويندو. هن سينٽر تي جيڪو به مريض ايندو ته انشاء الله  زندگي آرام سان گذاريندو پر ان لاءِ اهو لازمي آهي ته اهو مريض بار بار اچي پنهنجون دوائون وٺي ڪورس مڪمل ڪري. هن ٻڌايو ته ٻيو  مرڪز لاڙڪاڻي ۾ به قائم ڪيو آهي پر هتي جو غريب عوام اتي پهچڻ لاءِ وڏو خرچ ڪندو تنهن ڪري اسان انهن کي لاڙڪاڻي سينٽر تي وڃڻ لاءِ مفت ٽرانسپورٽ سروس مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ سوچي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کي ميڊيا جي دوستن جي ساٿ جي ضرورت آهي جيڪي هن بيماري بابت ڄاڻ عوام تائين صحيح پهچائي سگهن هن چيو ته اسان جي اها خواهش آهي ته رتوديرو جي هي سينٽر سينٽر آف ايڪسيلينس بڻجي جيئن ٻيا ملڪ به ان کي فالو ڪن ان موقعي تي صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو، خورشيد احمد جوڻيجو اعجاز احمد جکراڻي ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ ۽ ڪارڪن به موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو