اينٽي ڪرپشن جو سول اسپتال تي ڇاپو رڪارڊ جي چڪاس

سکر(بيورو رپورٽ)سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ واري ويڪسين نه ملڻ وارين شڪايتن بعد اينٽي ڪرپشن سکر جي ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن منير احمد کهڙو جي اڳواڻي ۾ سول اسپتال سکر ۾ اوچتو ڇاپو هڻي اسپتال جي ميڊيڪل اسٽور جي جاچ ڪري ڪتي جي ڏاڙهڻ واري ويڪسين ۽ ٻين دوائن جي موجودگي بابت جاچ ڪئي. جنهن تي سول اسپتال سکر جي ايم ايس ڊاڪٽر تسليم خميساڻي اينٽي ڪرپشن جي ٽيم کي ويڪسين موجود هجڻ بابت ٻڌايو. ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر منير احمد کهڙو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اعليٰ آفيسرن جي حڪم تي سول اسپتال ۾ اينٽي ريبيز (ڪتي جي ڏاڙهڻ واري) ويڪسين جي جاچ ڪئي آهي اسپتال ۾ ويڪسين ته موجود آهي پر ڪجهه ڏينهن اڳ استعمال ٿيل ويڪسين جو درست رڪارڊ موجود ناهي ان لاءِ اسپتال جي ايم ايس کي هدايت ڪئي آهي ته ويڪسين جو رڪارڊ درست ڪري پيش ڪيو وڃي. ٻئي طرف سول اسپتال سکر جي ايم ايس سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اينٽي ريبيز ويڪسين موجود آهي. هيلٿ ڊپارٽمينٽ جون هدايتون آهن ته 100 ويڪسين اسپتال جي اسٽاڪ ۾ موجود هجڻ گهرجن جيڪي اسان وٽ موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو