ايندڙ مهيني تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو عوام کي رليف نه ڏيڻ جو فيصلو

ايندڙ مهيني تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو عوام کي رليف نه ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت ايندڙ مهيني تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب عوام کي مڪمل رليف نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ڊيزل تي في ليٽر 50 رپيا ليوي لاڳو ڪرڻ جو معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن تحت ايندڙ 2 ۾ پيٽروليم ليوي ڊيزل تي 20 رپيا في ليٽر وڌائي ويندي. مھينن ۾ ٽيڪس روينيو جو ٽارگيٽ وڌائي ليوي ۾ اضافو ڪيو ويندو، جيڪڏھن وصول نه ڪيو ويو ته سيلز ٽيڪس لڳايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ٽيڪس روينيو ۾ واڌ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، جنهن سبب في ليٽر ڊيزل ۾ مڪمل رليف بدران گهٽ رليف ڏنو ويندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف به ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي تناسب ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو