اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيئرمين ايف بي آر امجد زبير ٽوانا چيو آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ ايف بي آر جو ٽيڪس ٽارگيٽ ساڍا 12 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين امجد زبير ٽوانا ايندڙ وفاقي بجيٽ تجويزن تي غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ٽيڪس ٽارگيٽ ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزون غور هيٺ آهن. موجوده مالي سال لاءِ ٽيڪس ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ ايف بي آر جو ٽيڪس ٽارگيٽ 12 هزار 500 ارب رپين کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ٽريڪ اينڊ ٽريس جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ منصوبا پڻ جاري آهن.چيئرمين ايف بي آر چيو ته فنانس بل ۾ نان فائلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. ڪاروباري دوست اسڪيم جي رجسٽريشن کي ايندڙ مالي سال ۾ وڌيڪ وڌايو ويندو.










