ايم ڪيو ايم کي گورنر شپ سميت ٻه وزارتون ملڻ جو امڪان

لاهور(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي گورنر شپ ۽ ٻه کان ٽي وزارتون ملڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب (ن) ليگ ڪابينا ۾ وزيرن جو انگ گهٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن وفاقي ڪابينا ۾ وزيرن جو انگ 20 ٿي ويو ته ايم ڪيو ايم کي ٻه وزارتون ملڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم کي ميري ٽائيم وزارت ملي سگهي ٿي پر انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ملڻ جو ڪو به امڪان ناهي، جڏهن ته سنڌ جي گورنر شپ لاءِ نالي تي ايم ڪيو ايم ۾ ٻه رايا آهن.ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جو هڪ گروپ ڪامران ٽيسوري کي گورنر ۽ ٻيو گروپ خوش بخت شجاعت کي گورنر بڻائڻ چاهي ٿو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم 5 وزارتن جو مطالبو ڪيو هو پر (ن) ليگ ايم ڪيو ايم کي 2 وزارتون ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ حج واري وزارت جي آڇ ڪئي وئي پر ايم ڪيو ايم ٻنهي وزارتن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو