ايم ڪيو ايم آدمشماري مان مطمئن ناهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ايم ڪيو ايم گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان منظور ڪيل آدمشماري مان مطمئن ناهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم جيتري به غلط آدمشماري رپورٽ کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته نئين آدمشماري ۽ نئين تڪبندين تي چونڊون ايم ڪيو ايم جو مطالبو هو، 22 مئي تي پاڪستان جي آبادي 255.4 ملين ٻڌائي وئي هئي. مصطفيٰ ڪمال اهو به چيو ته 5 آگسٽ تي پاڪستان جي آبادي 241.4 ملين هجڻ جي تصديق ٿي هئي.هن چيو ته آدمشماري ۾ جيڪي غلطيون ٿي رهيون آهن اهي سامهون اچي ويون آهن، اسان چاهيون ٿا ته نئين آدمشماري ۽ تڪ بندين جي بنياد تي عام چونڊون ڪرايون وڃن، اسان جو مطالبو قبول ڪيو ويو ۽ چونڊون به ان بنياد تي ئي ڪرايون وينديون. مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته احتجاج ڪندڙ مردم شماري ۾ هڪ ماڻهو به نه وڌائي سگهيا، اسان ڪراچي جي آبادي وڌائي، اها اسان جي وڏي ڪاميابي آهي، هن وقت ڪراچي جي آبادي 2 ڪروڙ کان به وڌي وئي آهي، آخر به احتجاج نه ڪري سگهيا. هڪ شخص کي بازياب ڪرايو، اسان بغير احتجاج جي 7 لک ماڻهن کي شامل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو