ٺٽو (رپورٽ : جاويد لطيف ميمڻ)بوائز ڊگري ڪاليج ٺٽو ڪراچي جي شاگردن لاء ڪاپي ڪري پاس ٿيڻ لاء جنت جو مقام بڻيل ڪراچي سان لاڳاپيل سوين شاگرد سنڌ يونيورسٽي مان پرائيوٽ طور بي اي ۽ ايم اي ڪرڻ لاء بوائز ڪالج مڪلي پھتل مقامي شاگردن سان گڏ ڪراچي کان پهتل سون جي تعداد ۾ شاگردن بغير ايس او پيز جي ـ ايم اي جي پيپرن ۾ حصو ورتو ڪالج انتظاميا پاران پيپرن دوران شاگردن کي سر عام سمارٽ موبائيل ۽ واٽس ايپ ذريعي آساني سان پرچو حل ڪرڻ جي ڇوٽ ڏنل ڪاليج ۾ صحافين جي انٽري تي سخت پابندي رکي وئي.صحافي ۽ سماج سڌارڪ ماڻھن جي ٽيم ڊگري ڪاليج ٺٽو ۾ هلندڙ پيپر جو معائنو ڪرڻ لا۽ پهتا ته کين مين گيٽ تي روڪيو ويو احتجاج ڪرڻ جي باوجود مين گيٽ مان داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو اهو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته وزيٽر پهتل آھن اندر ٻئي نمبر گيٽ مان اچڻ جو چئي اڳتي روانو ڪيو ويو ٻئي نمبر گيٽ تي به تمام سڪيورٽ جا سخت انتظام ھئڻ ڪري کين روڪيو ويو جنهن تي صحافي ۽ سماج سڌارڪ ڪارڪنن پاران احتجاج جي هڪ ڪلاڪ کان پوء امتحاني سينٽرن اندر پيپرن جي معائني جي اجازت ڏني وئي وزٽ دوران ڪراچي کان سرڪاري محڪمن جي گاڏين ۾ سوار ٿي ڊگري ڪاليج ٺٽو پهتل شاگردن کي گهربل سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائيندي سرعام سمارٽ موبائيل فونز ذريعي پرچو حل ڪرڻ

لاء ڇوٽ ڏنل هئي ڪراچي کان پهتل اڪثر شاگرد ميڊيا کان به بي خوف ٿي پيپر دوران پنھنجو ڪم جاري رکيو جڏھن تـ انتظاميا جو ڌيان ڇڪائڻ جي باوجود بـ ڪالج انتظاميا جي ڪن تي جونء بـ نـ چري ڇو تـ ڪراچي کان اچي بوائز ڪالج ٺٽو ۾ يونيورسٽي جا پيپر ڏيندڙ شاگرد تمام گھڻو اثر رسوخ رکن ٿا ۽ سرڪاري نمبر پليٽن جي گاڏين ۾ پرٽوڪول سميت اچي شاھاڻي انداز ۾ پيپر ڏين ٿا.










