اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان اڳ عدالت کي آگاهه ڪرڻ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب حڪم جاري ڪيو.عدالت چيو آهي ته ايمان مزاري کي ڪنهن به ڳجهي ايف آءِ آر ۾ گرفتار ڪرڻ کان اڳ عدالت کي آگاهه ڪندا.ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ڊوگل عدالت کي ٻڌايو ته گذريل ٻڌڻي کانپوءِ اسان صوبن کي لکيو هو، ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ صوبن کي فيڪس ۽ واٽس اپ ڪيو هو، درخواستگذار ايمان مزاري کي اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته ڪيس هلي رهيو آهي، جيڪڏهن ايف آءِ آر آهي ته عدالت کي آگاهه ڪندا.عدالت ايمان مزاري جي درخواست هدايتن سان اڪلائي ڇڏي.










