ايل ڊي اي ملازمن جو پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ملازمن علي اصغر شاهه، ممتاز لغاري، بهاول لغاري، مسعود ابڙو، فيروز کوکر، شاهه جهان عباسي، عاشق مغيري، ميرخان جتوئي ۽ ٻين دانهيو ته سمورن ملازمن کي گذريل سال کان وٺي پگهارون نه مليون آهن. اسان  بلاول هائوس آڏو احتجاج ڪيوسين جتي صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ پ پ پ اڳواڻ ناصر حسين شاهه ملاقات ڪري خاطري ڪرائي ان کان علاوه پي ايس 11 تي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهندڙ جميل احمد سومرو سان به ملاقات ڪئي پر هن وقت تائين اسان کي پگهارون نه مليون آهن. هنن الزام لڳايو ته سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ پگهارن جي مد ۾ فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ ڳري رشوت طلب ڪري رهيو آهي جڏهن ته پگهارون نه ملڻ جي ڪري اسان جا گهر ڀاتي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن هنن مطالبو ڪيو ته جلد پگهارون جار ڪيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو