ايف آءِ اي پاران جج ويڊيو اسڪينڊل ۾ 3 ليگي اڳواڻ طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جج ويڊيو اسڪينڊل جي جاچ ۾ ايف آءِ اي مسلم ليگ (ن) جي 3 اڳواڻن سينيٽر پروز رشيد، عطاءُ الله تارڙ ۽ اعظميٰ بخاري کي طلب ڪيو آهي.  تارڙ کي 27 ڊسمبر ۽ ٻن بين کي 30 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ هن معاملي جي جاچ ڪري پئي ۽ کين ان ئي طلب ڪيو آهي. اعظميٰ بخاري لنڊن ۾ آهي ۽ هن سميت پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته کين نوٽيس ناهي مليو. ياد رهي ته 6 جولاءِ تي مريم نواز لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران العزيزيه ڪيس ۾ ميان نواز شريف کي سزا ٻڌائڻ واري جج جي هڪ ڳجهي ويڊيو جاري ڪئي هئي. جنهن ۾ مريم نواز دعويٰ ڪئي هئي ته ويڊيو ۾ جج ارشد ملڪ مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪن ناصر بٽ سان ڳالهائيندي اقرار ڪيو هو ته نواز شريف خلاف ثبوت نه هئا پر هن کي هڪ ويڊيو ڏيکاري بليڪ ميل ڪري فيصلو ورتو ويو هو. جج ارشد ملڪ بعد ۾ بيان جاري ڪري مريم جي بيان کي بي بنياد قرار ڏنو هو. جج چيو هو ته نواز شريف جي پٽ حسين نواز استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ 50 ڪروڙ  رشوت جي آڇ ڪئي هئي. بعد ۾ جج کي ڪم کان روڪيندي سندس خلاف جاچ شروع ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو