اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جج ويڊيو اسڪينڊل جي جاچ ۾ ايف آءِ اي مسلم ليگ (ن) جي 3 اڳواڻن سينيٽر پروز رشيد، عطاءُ الله تارڙ ۽ اعظميٰ بخاري کي طلب ڪيو آهي. تارڙ کي 27 ڊسمبر ۽ ٻن بين کي 30 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ هن معاملي جي جاچ ڪري پئي ۽ کين ان ئي طلب ڪيو آهي. اعظميٰ بخاري لنڊن ۾ آهي ۽ هن سميت پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته کين نوٽيس ناهي مليو. ياد رهي ته 6 جولاءِ تي مريم نواز لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران العزيزيه ڪيس ۾ ميان نواز شريف کي سزا ٻڌائڻ واري جج جي هڪ ڳجهي ويڊيو جاري ڪئي هئي. جنهن ۾ مريم نواز دعويٰ ڪئي هئي ته ويڊيو ۾ جج ارشد ملڪ مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪن ناصر بٽ سان ڳالهائيندي اقرار ڪيو هو ته نواز شريف خلاف ثبوت نه هئا پر هن کي هڪ ويڊيو ڏيکاري بليڪ ميل ڪري فيصلو ورتو ويو هو. جج ارشد ملڪ بعد ۾ بيان جاري ڪري مريم جي بيان کي بي بنياد قرار ڏنو هو. جج چيو هو ته نواز شريف جي پٽ حسين نواز استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ 50 ڪروڙ رشوت جي آڇ ڪئي هئي. بعد ۾ جج کي ڪم کان روڪيندي سندس خلاف جاچ شروع ڪئي هئي.
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم
پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لاڳو
دهشتگردي خلاف پاڪستان جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا