ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي: پاڪستاني ٽيم ڀارت پهچي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني ٽيم واگها بارڊر ذريعي ڀارت ۾ داخل ٿي وئي.پاڪستان هاڪي ٽيم هاڻي امرتسر کان ٿيندي دهلي چنائي پهچندي جتي چيمپيئنز ٽرافي 3 آگسٽ کان شروع ٿيندي.پاڪستان جي 18 رڪني ٽيم جي قيادت عمر ڀٽا ڪري رهيو آهي، قومي ٽيم پهرين ميچ 3 آگسٽ تي ملائيشيا خلاف کيڏندي.ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ 9 آگسٽ تي کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو